ناانصافي تي ٻڌل سماج نٿو هلي سگهي، ڪنهن به سماج ۾ انصاف جو هئڻ ضروري آهي: ثاقب نثار

185
0
SHARE

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته  ناانصافي تي ٻڌل سماج نٿو هلي سگهي، ڪنهن به سماج ۾ انصاف جو هئڻ ضروري آهي.ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي  چيف جسٽس چيو ته  هو مرضي جا فيصلا نٿا ڪن، آئين ۽ قانون مطابق ڪم  ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته هو اهي جج آهن جيڪي رڳو قانون مطابق ڪم ڪن پيا.چيف جسٽس چيو ته  توهان جج جڊيشل نظام جا ٿنڀ آهن، فيصلو ڏيڻ کان پهرين آئين ۽ قانون جي خبر هئڻ ضروري آهي.جسٽس ثاقب نثار چيو ته کين  پنهنجي اختيارن جي ڄاڻ هئڻ گهرجي، محسوس ٿئي پيو ته ن پنهنجي صلاحيتن جو استعمال نه پيا ڪريون. هن چيو ته   هو حيران آهي ته جا قابل ججز ڪيڏانهن ويا؟ جيڪي هٿ سان فيصلا لکندا هئا. چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته  عوام کي عدالتن مان ئي انصاف ملي سگهي ٿو، وقت اچي ويو آهي ته پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪيون، جنهن کي انصاف نٿو ملي هو روزانو جيئندو ۽ مرندو آهي……..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here