2013 واري جهڙي نگران حڪومت آئي ته قوم جي ڀلائي ۾ نه هوندي، 2013 جهڙي نگران حڪومت نه اچڻ گهرجي: پير پاڳارو

363
0
SHARE

 فنڪشنل ليگ سربراهه پيرپاڳاري چيو آهي ته 2013 واري جهڙي نگران حڪومت آئي ته قوم جي ڀلائي ۾ نه هوندي، 2013 جهڙي نگران حڪومت نه اچڻ گهرجي.ڪراچي ۾ ق ليگ جي چوڌري پرويز الاهي ۽ چوڌري شجاعت حسين، فنڪشنل ليگ جي سربراهه پيرپاڳاري ۽ صدر الدين شاهه راشدي سان گڏجاڻي ڪري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري ڀائرن اعلان ڪندي چيو ته هو سنڌ مان پنهنجي اتحادي سان گڏ هڪ ئي چونڊ نشان تي چونڊ وڙهندا.ان موقعي تي پيرپاڳاري ڳالهائيندي چيو ته گڏ ٿي چونڊ وڙهڻ سان ملڪ کي فائدو ٿيندو، ليگي ڌڙا گڏ ٿي وڃن ته وڏي طاقت آهن.پيرپاڳاري چيو ته ايندڙ چونڊون شفاف چاهين ٿا، شفاف چونڊن لاءِ گڏ ٿيا آهن، هن ڀيري چونڊن جا نتيجا تبديل ٿيڻ نه ڏيندا.هن چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته ايندڙ چونڊن ۾ ماضي جهڙا آفيسر نه هوندا، 2013جي چونڊن کان اڳ ئي نتيجا اچي چڪا هئا، 2013 جي چونڊن جهڙي نگران حڪومت نه اچڻ گهرجي.پيرپاڳاري پاڪ فوج بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪ فوج جي قربانين جي ڪري دهشتگردي ختم ٿي، دهشتگردي ختم ڪرڻ جو تاج پاڪ جي مٿي تي آهي.سندس چوڻ هو ته سياستدانن دهشتگردن کي تحفظ ڏنو، سياستدانن دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو.حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري ق ليگ اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته هو پنجاب ۾ پنهنجي خيال جي پارٽين سان اتحاد ڪري چونڊن  لاءِ اتحاد جوڙين.ان موقعي تي چوڌري پرويز الاهي چيو ته هنن فيصلو ڪيو آهي ته هو سنڌ مان هڪ ئي نشان تي چونڊ وڙهيندا.چوڌري پرويز الاهي چيو ته سنڌ ۾ ٺهيل جي ڊي اي جهڙو اتحاد هو پنجاب ۾ ٺاهيندا، سندن متحد ٿيڻ ۾ هڪ ماڻهو رڪاوٽ هو پر هو هاڻي سمورا ليگي ڌڙا هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ٿيندا.چوڌري ڀائرن پريس ڪانفرنس دوران سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهنڊي هيٺان گڏ ٿيڻ جي دعوت پڻ ڏني……..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here