اسٽيج تي اچي تنقيد ڪرڻ آسان آهي پر جان جو نذرانو ڏيڻ آسان نه آهي: عبدالقدوس بزنجو

218
0
SHARE

بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي چيو آهي ته اسٽيج تي اچي تنقيد ڪرڻ آسان آهي پر جان جو نذرانو ڏيڻ آسان نه آهي، فورسز ملڪ ۾ امن قائم ڪري ڇڏيو آهي.ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عبدالقدوس بزنجي چيو ته ملڪ جي فورسز دهشتگردن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، شهيدن جي والدين کي هو سلام پيش ڪن ٿا.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن دهشتگردي دماغ ۾ آهي ته اهڙي سوچ سان اڳتي وڌي نه ٿو سگهجي، پاڪستاني قوم کي ورهائڻ آسان ڳالهه نه آهي. عبدالقدوس بزنجي چيو ته ان قسم جي سياست کي ختم ڪري ملڪي ترقي لاءِ سوچڻ گهرجي، هو سنڌي، بلوچي، پٺاڻ يا پنجابي نه پر پاڪستاني آهن…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here