سپريم ڪورٽ آزاد آهي، ڪنهن کي به اداري تي تنقيد ڪرڻ جي موڪل نه ڏني ويندي: چيف جسٽس

172
0
SHARE

لاهور: چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آزاد آهي، ڪنهن کي به اداري تي تنقيد ڪرڻ جي موڪل نه ڏني ويندي، هڪ جج جي سڃاڻپ ان جي فيصلي سان ٿيندي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته اڄ ڪالهه سپريم ڪورٽ سان يڪجهتي جو رومانس ٿي ويو آهي پر سپريم ڪورٽ کي ڪنهن جي به سپورٽ جي ضرورت نه آهي، هن چيو ته واضع طور تي سپريم ڪورٽ آزاد ۽ خودمختار ادارو آهي ۽ ان اداري تي تنقيد ۽ ان کي سياسي بڻائڻ لاءِ ڪير سوچي بهي نه، آزاد عدليا ئي سندن طاقت ۽ خودمختياري آهي، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ماڻهن ججن جي تصويرن سان گڏ اشتهار لڳايا جنهن جي عزت ڪڏهن به نه ڏني ويندي، عدليا کي آزاد طريقي سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي اهو سندن فرض آهي، جيڪو عزت ڏيندو اهو وٺندو ان نظريي تي هلڻو پوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here