وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو نوٽيس ورتو

153
0
SHARE

اسلام آباد: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو نوٽيس ورتوآهي، وزيراعظم ڪي اليڪٽرڪ جي مسئلن تي غور ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڪميٽي جي توانائي بابت اجلاس 23 اپريل تي گهرائي ورتو آهي،اجلاس گورنر هائوس ڪراچي ۾ 12 وڳي ٿيندو، گرمي وڌندي ئي ملڪ جي وڏي شهر ۽ معاشي حب ڪراچي جي شهرين کي بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن جو گهڻو اثر صنعتن تي پيو آهي، مختلف سياسي جماعتن طرفان بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو هو ته وفاق وٽ جيڪڏهن بجلي جو بحران حل ڪرڻ جي صلاحيت ناهي تي اختيار سنڌ حڪومت کي ڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here