دوداپور لڳ پير لعل شاهه بري جي فقيرن ۽ پانڌيئڙن کي سيڪيورٽي بابت خدشا

180
0
SHARE

دوداپور:فتح پور ۾ سيد چيزل شاهه جي درگاهه تي ٿيل آپگهاتي حملي کانپوءِ دوداپور لڳ حضرت پير لعل شاهه بري جي فقيرن ۽ پانڌيئڙن سيڪيورٽي تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن،درگاهه جي فقيرن ۽ پانڌيئڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته درگاهه پير لعل شاهه بري سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽي تي آهي جيڪا سيڪيورٽي گهٽ هجڻ ڪري محفوظ نه آهي،هنن چيو ته  درگاهه تي صرف 6 اهلڪار مقرر آهن سي به آرام ڪرڻ ۾ پورا آهن،سندن چوڻ هو ته درگاهه تي هر نئين چنڊ جي آچر واري رات جو ماهه سومر ميلو لڳندو آهي جنهن ۾ هزارين پانڌيئڙا  ايندا آهن،هنن حڪومت کان  گهر ڪئي ته درگاهه پيرلعل شاهه بري تي وڌ کان وڌ سڪيورٽي مقرر ڪئي وڃي ته جيئن درگاهه ۾ داخل ٿيندڙ هر ماڻهو جي سختي سان چيڪنگ ڪري سگهجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here