اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن تي پابندي لڳائي ڇڏي

183
0
SHARE

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي ايف پي ايس سي ۾ اسلام آباد جي ڪوٽا مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن معروف افضل ۽ ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا، ڊپٽي اٽارني جنرل ارشد محمود ڪياني وفاق جي نمائندگي ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن واري عمل کي روڪڻ جو حڪم ڏنو، عدالت حڪم ڏنو ته جيستائين اسلام آباد جي ڪوٽا مقرر نٿي ڪئي وڃي تيستائين حڪم برقرار رهندو، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن معروف افضل عدالت کي استدعا ڪئي ته پراسيس نه روڪيو وڃي نه ته سڄي ملڪ جا شاگرد متاثر ٿيندا، ڪوٽا مقرر ڪرڻ سان اسلام آباد جا ماڻهو متاثر ٿيندا، جسٽس شوڪت عزيز چيو ته ڪو به نقصان نه ٿيندو، پاڪستان جا شهري اوپن ميرٽ تي به اچي سگهن ٿا، 56 سالن کان اسلام آباد جو ڊوميسائيل رکندڙن سان ظلم ٿي رهيو آهي، جسٽس شوڪت ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي سيڪريٽرين ۾ ارشد مرزا ۽ فواد بٽ ڪشمير جي ڪوٽا تي آهن ڇا اسلام آباد مان ڪو آهي، معروف افضل چيو ته اسلام آباد مان ڪير به ناهي، ڪابينا 2013 کان ان معاملي تي غور ڪري رهي آهي جلد ان عمل کي مڪمل ڪيو ويندو، جسٽس شوڪت عزيز چيو ته پنج سالن ۾ توهان ڪجهه نه ڪيو، پراسيس کي معطل ڪيون ٿا پوءِ ڏٺو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here