وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي: سعيد غني

229
0
SHARE

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي، الله ڪري ڪراچي نيويارڪ کان به وڌيڪ ترقي ڪري، ڪراچي ۾  تقريب کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته ايندڙ بجيٽ تي خدشا آهن، ايندڙ بجيٽ نئين حڪومت ئي پيش ڪري ته بهتر ٿيندو، هن چيو ته وفاق خاص علائقي کي بجلي چور ڄاڻائي رهيو آهي، وفاق جو سنڌ سان رويو مناسب ناهي، سندس چوڻ هو ته شهباز شريف جي بيانن سان کيس ڊپ لڳندو آهي، شهباز شريف واعدي مطابق پهريان پنهنجو نالو تبديل ڪري، صوبائي وزير چيو ته شهباز شريف 10 سالن کان رڳو لاهور نه پر پنجاب جو به وڏو وزير آهي، سعيد غني چيو ته لاهور کانسواءِ سڄي پنجاب جي حالت خراب آهي، ن ليگ رڳو شوبازي ڪري رهي آهي، پ پ ميٽرو بدران عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ تي ڌيان ڏنو، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پ پ شوبازي نه پر عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، عام چونڊن ۾ عوام ميٽرو کي نه خدمت کي ووٽ ڏيندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here