ايس ايس پي تشدد ڪيس ۾ عمران خان جي بريت واري درخواست تي فيصلو 4 مئي تي ٻڌايو ويندو

84
0
SHARE

ايس ايس پي تشدد ڪيس ۾ عمران خان جي بريت واري درخواست تي فيصلو 4 مئي تي ٻڌايو ويندو.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي وي، پارليامينٽ حملو ۽ ايس ايس پي تشدد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت عمران خان کي طلب ڪندي چيو ته جوابدار جي موجودگي ۾ بريت جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو ويندو.عمران خان جي وڪيل عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ سربراهه فيصلي وقت پيش نٿو ٿي سگهي تنهن ڪري حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.عدالت حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي چيو ته 4 مئي تي فيصلو ٻڌايو ويندو، جيڪڏهن 4 مئي تي به پيش نه ٿيو ته گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا……….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here