حڪومت کي ڪنهن به ريت 4 مهينن کان وڌيڪ مدي جي بجيٽ پيش نه ڪرڻ گهرجي: سيد خورشيد شاهه

111
0
SHARE

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت کي ڪنهن به ريت 4 مهينن کان وڌيڪ مدي جي بجيٽ پيش  نه ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ کي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ گهرجن، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان جي سياست پارلياماني هجڻ گهرجي، پارليامينٽ کي پنهنجا فيصلا پاڻ ئي ڪرڻا پوندا، سندس چوڻ هو ته هو پنهنجا فيصلا پاڻ نه پيا ڪن، ججن کي به گهرجي ته سياسي معاملن کي سياسي رهڻ ڏين، سڄي راند يا سياست پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي، مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته خواجا آصف سان جيڪو ٿيو، قانوني نقطن ذريعي ٿيو، ن ليگ اڳواڻ جي نااهلي تي هو خوش ناهن ٿيا، ضياءَ الحق جي قانونن ڪنهن کي به بخش ناهي ڪيو، مرڻ کانپوءِ به نه پيو بخشي، اڄ سندس ٻار به متاثر ٿي رهيا آهن، خورشيد شاهه چيو ته آرٽيڪل 62 ضياءُ جو ڪارو قانون آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا چيو هو پر نواز شريف ساٿ  نه ڏنو، نواز ليگ عدالت ۾ وڃڻ بدران پارليامينٽ ۾ مسئلا حل ڪري ها ته اڄ خواجا آصف جهڙا فيصلا نه اچن ها، هن چيو ته حڪومت هڪ سال جي بجيٽ پيش نٿي ڪري سگهي، ن ليگ سرڪار کي گهرجي ته چئن مهينن جي بجيٽ پيش ڪري، جنهن تي مخالف ڌر جون پارٽيون به متفق آهن، خورشيد شاهه چيو ته موجوده حڪومت هڪ سال جي بجيٽ پيش ڪري نئين روايت قائم ڪري رهي آهي، هاڻوڪي سرڪار 5 سال عوام کي ڪو به رليف نه ڏنو هاڻي ڇا ڏيندي؟، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته حڪومت قرضن جو بار وڌايو آهي، مهانگا قرض ايندڙ وقت ۾ ڏکيائيون پيدا ڪندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here