آرمي چيف 11 خطرناڪ دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

142
0
SHARE

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه يارنهن خطرناڪ دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، عدالت طرفان ٽن ٻين دهشتگردن کي  قيد جي سزا به ٻـُڌائي وئي، آءِ ايس پي آر  جو چوڻ آهي ته دهشتگرد، فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، مالاڪنڊ يونيورسٽي تي حملن ۽ شهرين جي قتل ۾ به ملوث آهن، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن کي سنگين ڪارروائين ۾ ملوث هجڻ تي سزا ٻڌائي وئي، سزا حاصل ڪندڙ ڏوهاري هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، مالاڪنڊ يونيورسٽي تي حملن ۽ شهرين جي قتل ۾ به ملوث آهن، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن، مئجسٽريٽ آڏو خيبر پختون خواهه جي صوبائي اسيمبلي ميمبر عمران خان مهمند سميت مجموعي طور تي 60 شهرين کي قتل ۽ 36 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب هي ڏوهاري دهشتگردي جي سنگين ڪيسن ۾ ملوث آهن، آءِ ايس پي آر موجب سزا حاصل ڪندڙ دهشتگردن ۾ عارف الله، بخت محمد، برهان الدين، محمد زيب، سليم، عزت خان، محمد عمران، يوسف خان، شهير خان، گل خان ۽ نادر خان شامل آهن جڏهن ته ٽن دهشتگردن کي قيد جي به سزا ٻُڌائي وئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here