سڄي سنڌ ۾ لڱ ساڙيندڙ گرميءَ جِي لهر برقرار

332
0
SHARE

ڪراچي: سڄي سنڌ ۾ لڱ ساڙيندڙ گرميءَ جِي لهر برقرار آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ سامونڊي هوائون گهُلڻ سبب گرميءَ جو زور ٽــُٽي ويو آهي، دادو، سکر، لاڙڪاڻي، نوشهري فيروز، بدين، حيدرآباد، مٺي ۽ نوابشاهه سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار آهي، ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون گهُلڻ سبب ڪجهه ڏينهن کان جاري سخت گرمي جو  زور ٽٽي ويو، موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد دادو ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ 39، نوابشاهه 38، حيدرآباد، ڇور ۾ 37، بدين، مٺي، موهن جو دڙو  36، سکر 35 ۽ ڪراچيءَ ۾ 34 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here