خيرپور  ۾ فوڊ گرين چوڪيدار يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ  احتجاج

49
0
SHARE

خيرپور:خيرپور  ۾ فوڊ گرين چوڪيدار يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ  احتجاج ڪيو ويو،چوڪيدارن يونين اڳواڻ عبدالغفور چانڊيي، گل محمد جانوري ۽ محمد بچل ملاح جي اڳواڻي ۾ علامتي جنازو کڻي پريس ڪلب اڳيان نعريبازي ڪئي،اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خوراڪ کاتي ۾ ملازمت ڪندي کين 27 سال گذري چڪا آهن، ان جي باوجود به سندن اسڪيل نه پيو وڌايو وڃي،سندن چوڻ هو ته کين وردي الائونس نٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي پڙهيل لکيل ملازمن کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي،هنن وڌيڪ چيو ته هو ڪيتري ئي عرصي کان احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي،احتجاج ڪندڙ  خوراڪ کاتي جي اعليٰ  عملدارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي سندن جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here