اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختون خواهه ۽ فاٽا جي مختلف علائقن ۾ زلزلـَي جا لوڏا

180
0
SHARE

اسلام آباد: اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختون خواهه ۽ فاٽا جي مختلف علائقن ۾ زلزلـَي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ڊپ وچان ماڻهو گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا، زلزلو جي ماپ ڪندڙ اداري موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5 ڏهائي 5 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز بنون کان 20 ڪلوميٽر پري وارو علائقو هو ۽ زلزلي جي زمين اندر اونهائي 12 ڪلوميٽر هئي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت خيبر پختون خواهه جي علائقن پشاور، ميران شاهه ، بنون، ڪوهاٽ، دير، صوابي، پاره چنار، مردان، سوات، چترال، مانسهره، واهه ڪينٽ، ايبٽ آباد، هزاره ۽ نوشهره ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، پنجاب جي علائقن ميانوالي، سرگوڌا ۽ ڀڪر ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جڏهن ته قبائلي علائقي خيبر ايجنسي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جا لوڏا ايترا شديد هئا جو ماڻهو ڊپ وچان نڪري طيبه ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا جڏهن ته اڃا تائين ڪنهن جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here