لعلورائنڪ: لعلورائنڪ ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف واپاري تنظيمن جو احتجاج

92
0
SHARE

لعلورائنڪ: لعلورائنڪ ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ سيپڪو سب ڊويزن وارھه جي عملدارن جي زيادتن خلاف سياسي، سماجي ۽ واپاري تنظيمن پاران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اميرعلي مغيري، عبدالله پيچوهو، خادم حسين وڪو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سيپڪو سب ڊويزن وارھ جا عملدار بناجواز  18 -18 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،  هنن چيو ته بجلي بند هجڻ سبب گهرن ۽ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار توڙي توڙي اسپتالن ۾ داخل مريض ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، جڏه نته ڪاروبار مڪمل طور ٺپ ٿي ويو آهي، اڳواڻن اعليٰ اختيارين مطالبو ڪيو ته بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري سيپڪو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here