اليڪشن ڪميشن واٽر مارڪ بيلٽ پيپر جي ڇپائي لاءِ خاص ڪاغذ گهرائي ورتو

214
0
SHARE

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن واٽر مارڪ بيلٽ پيپر جي ڇپائي لاءِ خاص ڪاغذ گهرايو آهي، جنهن جو خرچ 2 ارب رپين کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي، ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن ۾ واٽر مارڪ بيلٽ پيپر ي ڇپائي لاءِ خاص ڪاغذ پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ذريعي گهرايو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاغذ گهرائڻ تي هڪ ارب کان وڌيڪ خرچ آيو آهي، پي اي سي جي ذريعن موجب بيلٽ پيپر جو ڪاغذ فرانس ۽ برطانيا مان گهرايو ويو آهي ۽ عام چونڊن ۾21 ڪروڙ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي ڪئي ويندي، ذريعن موجب  بيلٽ پيپرن جي ڇپائي تي 2 ارب کان وڌيڪ خرچ ايندو، جڏهن ته قومي اسيمبلي لاءِ سائو ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ اڇو رنگ هوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here