ڪوئيٽا: دشت ۾ ريلوي پٽڙيءَ تي دهشتگرديءَ جو منصوبو ناڪام

69
0
SHARE

ڪوئيٽا:بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي علائقي دشت ۾ ريلوي پٽڙيءَ تي دهشتگرديءَ جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو، بم ڊسپوزل عملي موجب ريلوي پٽڙيءَ تي نصب ٿيل ڌماڪيدار مواد پريشر ڪــُڪر  ۾ رکيو ويو هيو جنهن کي ناڪاره بڻايو ويو، بم ڊسپوزل عملي طرفان ناڪاره بڻايل بم ديسي ساخته ۽ ٽائم ڊيوائس هو جنهن ۾ 18 کان 20 ڪلو ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو هو، واضح رهي ته ان کان ڪجهه دير پهريان به دشت جي علائقي تيره ميل ۾ ريلوي پٽڙيءَ ڀرسان هڪ ڌماڪو ٿيو هو جنهن سبب پٽڙيءَکي جزوي نقصان پهتو هو پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو هو، ڌماڪي کانپوءِ متاثره پٽڙيءَ تان ريل گاڏين جي اچ وڃ جنهن کانپوءِ اندورني ملڪ ويندڙ ريل گاڏين کي ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو هو، متاثر پٽڙيءَ جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ٽيمون جڏهن ته بم ڊسپوزل عملو به واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ ڳولا جو ڪم شروع ڪيو ويو، ريلوي اختيارين موجب پٽڙيءَ تي ڌماڪي سان ريل گاڏين جي راونگي متاثر ٿي پر متاثره ريلوي پٽڙي جي بحالي جو ڪم هلندڙ آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here