سنڌ جي سمورن وومين پوليس اسٽيشنز جو نالو تبديل

323
0
SHARE

ڪراچي: سنڌ جي سمورن وومين پوليس اسٽيشنز جو نالو تبديل ڪري وومين اينڊ چلڊرين پروٽيڪشن يونٽ رکيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ اَي ڊي خواجا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پوليس ٽريننگ جي مختلف حوالن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ قدم کڻڻ لاءِ ضروري هدايتون ڪيون ويون، اجلاس ۾ آءِ جي، سنڌ جي سمورين وومين پوليس اسٽيشنز جو نالو تبديل ڪري وومين اينڊ چلڊرين پروٽيڪشن يونٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو  ۽ ان حوالي سان سمورا ضروري حڪم ڏنا، اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ ٽريننگ، ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽرز، ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ کانسواءِ اَي آءِ جــِي ايڊمن ۽ سنڌ پوليس جي سمورن ٽريننگ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي پرنسپلز شرڪت ڪئي، ڊي آءِ جي ٽريننگ بريفنگ دوران اجلاس کي سنڌ پوليس جي سمورن تربيتي مرڪزن جي اسٽيبلشمينٽ، نصاب، تربيتي، پاليسي، ترقياتي معاملن ۽ ويلفيئر قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 20 هزار پوليس اهلڪار پاڪستان آرمي کان تربيت حاصل ڪري چڪا آهن ۽ انهن مان 16 هزار 970  پاس آئوٽ ٿي چڪا آهن جڏهن ته ٻين 3030 کي هِن ئي مهيني پاس آئوٽ ڪيو ويندو، آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته هن ئي مهيني پاس آئوٽ ٿيندڙ 3030 پوليس اهلڪارن کي ڪراچي پوليس جي ڊسپوزل تي ڏنو وڃي ته جيئن رمضان المبارڪ سڪيورٽي قدمن کي وڌيڪ غير معمولي بڻائي سگهجي، هن سمورن پوليس ٽريننگ سينٽرز ۽ ڪاليجن جي پرنسپلز کي هدايت ڪئي ته پوليس تربيت جي مختلف مرحلن ۽ مدي تي ٻڌل باقاعده هڪ شيڊول تيار ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here