سنڌ هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ضمانت وارِي درخواست رد ڪري ڇڏي

120
0
SHARE

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ضمانت وارِي درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته عاصم سڪندر ۽ محمد حنيف جي ضمانت منظور ٿي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ضمانت واري درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد ٿي وئي جڏهن ته عدالت عاصم سڪندر ۽ محمد حنيف جي ضمانت منظور ٿي وئي ٻنهي جوابدارن جي ضمانت 15- 15 لک رپين عيوض منظور ڪئي وئي، ياد رهي ته شرجيل ميمڻ ميڊيڪل بنيادن تي ضمانت لاءِ درخواست ڏني هئي، ايڊووڪيٽ خالد جاويد جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل گرائونڊ تي جوابدارن کي ضمانتون ڏنيون وينديون آهن، ايڊووڪيٽ ايس ايم اقبال چيو ته عاصم ۽ حنيف ڪمپني جا ملازم آهن شيئرز هولڊرز ناهن، سپريم ڪورٽ قرار ڏئي چڪي آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ٿي ٿي سگهي نيب ريفرنس ۾ گهڻيون غلطيون ڪيون آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here