پاڪستان عوامي تحريڪ پاران، نواز شريف خلاف غداريءَ جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

201
0
SHARE

لاهور: پاڪستان عوامي تحريڪ، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف غداريءَ جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ خرم نواز گـــَنڊاپور  طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف خلاف غداري جي ڪيس لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نواز شريف پاڪستان ۽ قومي ادارن کي بدنام ڪيو ۽ ممبئي حملن بابت تازو بيان غداري جي برابر آهي، درخواست گذار عدالت کي گذارش ڪئي ته نواز شريف خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف طرفان ٻه ٺهراءَ به جمع ڪرايا ويا آهن، اپوزيشن ليڊر ميان محمود الرشيد ۽ ڊاڪٽر مراد راس طرفان جمع ڪرايل ٺهرائن ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ڪلڀوشن ۽ والاريل ڪشمير ۾ ظلمن تي خاموش ۽ رياست خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي، ميان محمود الرشيد چيو ته نواز شريف جو موقف پاڪستان کي عالمي دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ڪــُڌي ڪوشش آهي، رياستي ادارا احترام لائق ۽ ملڪي تحفظ جا ضامن آهن، تحريڪ انصاف مطالبو ڪيو ته نواز شريف جو بيان غداري جي زمري ۾ اچي ٿو ان جي سندس خلاف آرٽيڪل 6 تحت ٽرائل ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here