پاڪستاني شهري کي گاڏيءَ ذريعي ڇيڀاٽي ماريندڙ آمريڪي ڪرنل جوزف پاڪستان کان آمريڪا روانو

166
0
SHARE

اسلام آباد: پاڪستاني شهري کي گاڏيءَ ذريعي ڇيڀاٽي ماريندڙ آمريڪي ڪرنل جوزف پاڪستان کان آمريڪا روانو ٿي ويو، اسلام آباد ۾ پاڪستاني شهريءَ کي گاڏي ذريعي چيڀاٽيندڙ آمريڪي ملٽري اتاشي ڪرنل جوزف کي پرڏيهي کاتي طرفان سفارتي ڇوٽ ڏني وئي جنهن کانپوءِ هــُو نور خان ايئربيس تان خاص اڏام ذريعي آمريڪا روانو ٿي ويو، سفارتي ذريعن موجب ڪرنل جوزف کي ويانا ڪنويشن 1961 تحت سفارتي ڇوٽ حاصل آهي، حادثي کانپوءِ پاڪستاني اختيارين آمريڪا کي درخواست ڪئي هئي ته ڪرنل جوزف کي حاصل سفارتي ڇوٽ ختم ڪئي وڃي پر آمريڪا سفارتي ڇوٽ کي ختم نه ڪيو جنهن تي ان سهولت مان فائدو وٺندي ڪرنل جوزف آمريڪا روانو ٿي ويو، سفارتي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪا خاطري ڪرائي آهي ته ڪرنل جوزف خلاف ويان ڪنوينشن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ به ڪرنل جوزف آمريڪا وڃڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ کيس وٺڻ لاءِ هڪ جهاز  آيو هو پر ايف آءِ اَي پرڏيهي آفيس جي ڪليئرنس نه ٿيڻ تي کين پاڪستان ڇڏڻ کان روڪيو ويو هو، ياد رهي ته 7 اپريل تي گاڏي ۾ سوار ڪرنل جوزف اسلام آباد جي علائقي باره ڪَهـُو ويجهو ٽريفڪ سگنل ٽوڙي موٽر سائيڪل سوار ٻن ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو هو جنهن جي نتيجي ۾ عتيق بيگ نامي نوجوان فوت ٿي ويو ۽ سندس ڪَزن سخت زخمي ٿي پيو هو جڏهن ته پوليس سفارتي ڇوٽ سبب ڪرنل جوزف کي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here