سنڌ ۾ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي: آءِ جي سنڌ

125
0
SHARE

ڪراچي: آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته سنڌ ۾ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي، افغانستان ۽ مستونگ مان ايندڙ ماڻهن جي ڪري سنڌ جو امن متاثر ٿيو آهي، ڳڙهي ياسين، رتوديرو ۾ شڪايتي مرڪز ۽ لاڙڪاڻي جي سينٽرل جيل ۾ ڪرمنل رڪارڊ آفيس جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اي ڊي خواجا چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ پوليس جو فرض آهي، هن چيو ته عوام لاءِ 24 ڪلاڪ دروازار کليل آهن، ملڪ دشمن عنصر امن تباهه ڪرڻ چاهن ٿا، سندس چوڻ هو ته افغانستان ۽ مستونگ مان جيڪي ماڻهو اچن ٿا اهي ئي امن امان جا ذميوار آهن، هن چيو ته 10 سال اڳ پوليس وٽ بڪتر بند گاڏيون نه هيون هاڻي آهن، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن لاءِ به انعام جو اعلان ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here