نواز شريف جي بيان جو فائدو ڀارت کي ٿيو: راجا پرويز اشرف

105
0
SHARE

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته نواز شريف جي بيان جو فائدو ڀارت کي ٿيو ۽ سندس بيان پاڪستاني قوم جي جذبن کي مجروح ڪيو، لاهور ۾ نيب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته نواز شريف جي بيان جي سڄي دنيا ۾ مذمت ڪئي وئي، سندس بيان جو فائدو ڀارت کي ٿيو، راجا پرويز اشرف چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي بيان پاڪستاني قوم جي جذبن کي مجروح ڪيو، اهڙو اڳوڻي وزيراعظم کي نه ٿو سونهي، پ پ اڳواڻ چيو ته چونڊن کان اڳ ئي حڪمران جماعت ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، پاڪ فوج ملڪ جو اهم ترين حصو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here