نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي، رائو انوار ۽ ٻيا جوابدار پيش

87
0
SHARE

ڪراچي: ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار  ۽ ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڊي ايس پي قمر احمد ضمانت واري درخواست داخل ڪري ڇڏي، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي بند ڪمري ۾ ڪئي، ٻڌڻي دوران ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار ۽ ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته رائو انوار کي اڄ به ڏنڊي ٻيڙيون لڳائڻ کانسواءِ پيش ڪيو ويو ، ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڊي ايس پي قمر احمد ضمانت واري درخواست داخل ڪئي، عدالت ڊي ايس پي جي ضمانت واري درخواست تي بحث لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا پر سرڪاري وڪيلن نوٽيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته حيرت آهي ته سرڪاري وڪيل نوٽيس به نه وٺي رهيا آهن، عدالت جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ کي لکيو هو ته ڪيس اماڻي رهيا آهيو ته عملو ۽ سرڪاري وڪيل به اماڻيا وڃن، ٻــُڌڻي کانپوءِ عدالت پيش ڪيل سي ڊي جون ڪاپيون ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 28 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here