ڪراچي ۾ بجلي فراهم ڪندڙ اداري ڪي اليڪٽرڪ جي دعويٰ کانپوءِ به شهر ۾ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري

212
0
SHARE

ڪراچي: ڪراچي ۾ بجلي فراهم ڪندڙ اداري ڪي اليڪٽرڪ جي دعويٰ کانپوءِ به شهر ۾ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو هو ته بن قاسم پاور پلانٽ جي مرمت 20 مئي تائين مڪمل ٿي ويندي جنهن کانپوءِ بجلي جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، 20 مئي ٿيڻ کانپوءِ به شهر ۾ بجلي اکٻوٽ جو سلسلو جاري آهي، شهر جي مختلف علائقن شير شاهه، بلوچ پاڙو، نارٿ ڪراچي، ڪورنگي پي اينڊ ٽي ڪالوني ۽ گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ سحري جي وقت بجلي بند رهي، بجلي جي اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ جي ڪري شهر ۾ پاڻي بحران به شدت اختيار ڪري ويو آهي، پاڻي کوٽ خلاف شهرين ڊي سي آفيس ٻاهران احتجاج ڪيو، ملير، سچل ڳوٺ، قائدآباد، جوڳي موڙ، عبدالله ڳوٺ سميت ٻين ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجلي بند رهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here