جيڪب آباد: لوڻي ڪوٽ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ست ڄڻن جي وارثن جو انصاف لاءِ احتجاج

195
0
SHARE

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ مهينو اڳ لوڻي ڪوٽ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ست ڄڻن جي وارثن انصاف لاءِ احتجاج ڪيو، شهرين استاد رشيد ڪٽو، بقا محمد ڪٽو، نويد احمد ڪٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي، اڳواڻن ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته مقبول شيخ جي گاڏي جي ٽڪر ۾ لوڻي ڪوٽ ويجهو روڊ حادثي ۾ 7 گهر ڀاتي اجل جو شڪا بڻيا، هنن چيو ته پوليس بااثر کان ڳري رشوت وٺي ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي، احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪيس لوڙهيندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here