ڪراچي ۾ سنڌي نياڻين تي تشدد خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

306
0
SHARE

ڪراچي: ڪراچي ۾ گم ٿيل ماڻهن لاءِ احتجاج ڪندڙ سنڌ جي نياڻين تي تشدد خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن احتجاج ڪيو، سيوهڻ ۾ مختلف مڪتب فڪر سان سلهاڙيل ماڻھن درياءَ خان لغاري، علي قاضي، سجاد ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌمال چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي علامتي ڪئي، حيدرآباد ۾ سنڌ لا ڪاليج جي شاگردن ايڊووڪيٽ رب نواز مري، ايڊووڪيٽ خليل انڙ ، ايڊوڪيٽ محمد حنيف، ايڊوڪيٽ عرفان احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، شاگردن توڙي سڄاڻ ڌرين محبوب عالماڻي، شهباز سولنگي، سلامت پيرزادو، جميل سولنگي، آڪاش جوڻيجو ۽ ٻين غلام مصطفي جتوئي لائبريري کان هٿن ۾ بئنر کڻي ميڊيا سينٽر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، راڌڻ ۾ سياسي سماجي ڌرين نادر ديشي، راجا سولنگي، نظر سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيوهاڻي روڊ کان حسيني چوڪ تي ريلي ڪڍي ڌرڻو هني,نوابشاهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي سڪرنڊ روڊ کان پريس ڪلب تائين تعلقي صدر شاهنواز ڪيريو ، رفيق احمد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ گم ٿيل ماڻهن لاءِ احتجاج ڪندڙ سنڌ جي نياڻين تي تشدد ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟،احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي نياڻين تي ٿيل تشدد جو نوٽيس وٺي گم ڪيل ماڻهو آزاد ڪيا وڃن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here