ايون فيلڊ ۽ 300 ارب رپين جو جواب ڏيڻ بدران نواز شريف عدالت ۾ سياست جي ڪوشش ڪئي آهي: فواد چوڌري

211
0
SHARE

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري نواز شريف جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته  ايون فيلڊ ۽ 300 ارب رپين جو جواب ڏيڻ بدران نواز شريف عدالت ۾  سياست جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو کيس نقصان ڀوڳڻو پوندو ، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فواد چوڌري پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته نواز شريف جو بيان سياسي موقف آهي جيڪو هو جلسن جلسون ۾ ڏيندو رهندو آهي، فواد چوڌري چيو ته بنيادي طور تي نواز شريف کان ٻه سوال پڇيا ويا ته ايون فيلڊ جا ذريعا ۽ 300 ارب رپيا ڪٿان آيا؟ نواز شريف مني ٽريل نه ئي پيسن جي ذريعن بابت ئي ڪا ڳالهه ڪئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نواز شريف عدالت ۾  سياست جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو کيس نقصان ڀوڳڻو پوندو .

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here