ڇاڇري ۾ راڻي کيت جي بيماري وگھي وڌيڪ 4 مور ويا

358
0
SHARE

ڇاڇرو: ڇاڇري ويجهو فطري سونهن جي مور پکين تي موت جو رقص هلندڙ آهي، راڻي کيت بيماري وگھي وڌيڪ چار مور ويا، جڏهن ته ٻن ڏينهن دوران مري ويل مورن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي، ڳوٺ ٽنگٽيو ۾ راڻي کيت بيماري وگھي وڌيڪ چار مور ويا، ڳوٺ ۾ ٻه ڏينهن اڳ ساڳئي بيماري وگھي 8 مور مري ويا هئا، جنهن کانپوءِ مري ويل مورن جو انگ 12 ٿي ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته سخت گرمي ۾ اڄ وگھي وائرس جو شڪار ٿيل مور پکي اکين کان نابين ٿيڻ کانپوءِ  مري وڃن ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here