نقيب الله محسود ڪيس، سندس پيءُ، رائو انوار کي جيل منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

565
0
SHARE

ڪراچي: نقيب الله محسود جي والد، ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي سب جيل ۾ قيد رکڻ واري قدم کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس جيل منتقل ڪرڻ لاءِ  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي، پنهنجي درخواست ۾ نقيب الله محسود جي والد محمد خان محسود موقف اختيار ڪيو ته رائو انوار کي گهر ۾ سب جيل ٺاهي رکڻ غير قانوني آهي، محمد خان محسود، رائو انوار جي سب جيل ۾ رکڻ واري قدم کي ڪالعدم قرار ڏيندي درخواست ڪئي ته اڳوڻي ايس ايس پي کي جيل منتقل ڪيو وڃي، درخواست داخل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد خان چيو ته هــُو نه نقيب الله کي وساري سگهن ٿا ۽ نه ان جي رت جو سودو ڪري سگهن ٿا، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن رائو انوار طاقتور آهي ته هــُو به پورهيت آهي، ان موقعي تي گرينڊ جرڳي جي اڳواڻ سيف الرحمان چيو ته سنڌ حڪومت رائو انوار جي پٺڀرائي رهي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here