پ پ پاران پي ايس 37 تي عذرا فضل پيچوهو کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو

645
0
SHARE

دوڙ: پ پ جي اعليٰ قيادت پي ايس 37 تي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي، اڳوڻو ايم پي اي سليم رضا جلباڻي، پ پ ضلعي شهيد بينظير آباد جو صدر علي اڪبر جمالي، پ پ تعلقي دوڙ جو صدر انجنيئر عبد الرسول بروهي ۽ حاجي علي نواز بروهي پي ايس 37 جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مصروف هئا، پ پ جي اميدوارن جا پاڻ ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ جي ڪري پي ايس 37 تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، فنڪشنل مسلم ليگ جي قيادت پاران جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان سيد باغ علي شاھ کي چونڊ وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف جي پليٽ فارم تان حاجي محمد بچل جمالي پي ايس 37 تي اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم، ن ليگ ۽ جي يو آءِ جا اميدوار اليڪشن جي ڊوڙ ۾ اڃان تائين منطر عام تي ناهن آيا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here