بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت نگران حڪومت کان پڇيو وڃي: نواز شريف

233
0
SHARE

 اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت نگران حڪومت کان پڇيو وڃي، اسان  سڀ ڪجهه ٺيڪ ڇڏي وياسين، نيب ۾ ڦاٿل آهيون نه ته صحافين کي لواري ٽنيل سميت حڪومت جا سمورا ترقياتي ڪم ڏيکاريان ها، اسلام آباد احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته موٽروي، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ توانائي منصوبن سميت نواز ليگ جي حڪومت رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪيا، نواز شريف کان صحافي سوال ڪيو ته گذريل ڏينهن کان بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ٿي آهي؟، جنهن تي نواز شريف چيو ته  اسان پنهنجي دور جا ذميوار آهيون، لوڊشيڊنگ بابت نگران حڪومت کان پڇيو وڃي،اسان ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ڇڏي ويا هئاسين، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شاهد خاقان عباسي ۽ شهباز شريف ڪيترن ئي رٿائن جا افتتاح ڪيا،39رٿائون پنجاب ۽ وفاق جون ڌار ڌار آهن، ڇا اهي ڪم ڪنهن ٻي حڪومت ڪيا هئا؟، نواز شريف چيو ته ڇا موٽر وي تي ڪنهن ٻي حڪومت جو نالو لکيل آهي؟، اڳوڻي وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته هنن ملڪ کي اونداهين مان ڪڍي روشنيون بحال ڪيون ، عمران خان پاڻ ته ڪجهه به ناهي ڪندو، نواز شريف جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس نه هٽايو وڃي ها ته ملتان، سکر موٽر وي رٿا به مڪمل ٿي وڃي ها.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here