نوري آباد ويجهو مزدا ڪلٽي، ڪنب واسي 4 پورهيت فوت، 4 زخمي

202
0
SHARE

نوري آباد: ويجهو مزدا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪنب واسي 4 پورهيت فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ڪراچي کان ڪنب ويندڙ پورهيتن جي مزاد نوري آباد ويجهو لوڻي ڪوٽ وٽ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ ڪنب واسي ضمير ۽ مهمير حسين، محبوب ۽ ناظم پاتو نالي پورهيت فوت ٿي ويا، جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ فوتين جا لاش ڪنب منتقل ڪيا ويا آهن، پوليس موجب، فوتي عيد ملهائڻ لاءِ اباڻي پڊن ڏانهن وڃي رهيا هئا، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here