سنڌ ۾ صنعتي زمين جي نيلاميءَ کانسواءِ خريداريءَ تي پابندي

56
0
SHARE

ڪراچي:ســُپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ صنعتي زمين جي نيلاميءَ کانسواءِ خريداريءَ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، جسٽس ميان ثاقب نثار رمارڪس ڏنا آهن ته قبضا مافيا ملڪ کي کائي وئي آهي رياست جــِي حفاظت اسان جي ذميواري آهي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سنڌ اندر سرڪاري زمين ۽ ليز ۽ الاٽمينٽ واري معاملي تي پولٽري فارمز ۽ ٻين صنعتي زمينن جي ليز لاءِ 40 کان وڌيڪ درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته قبضا مافيا ملڪ کائي وئي، رياست جو تحفظ اسانجي ذميواري آهي، سرڪاري زمينن کي ڀڳڙن جي مــُٺ عيوض نه کپائڻ ڏنو ويندو، زمينن جي ليز ۽ الاٽمينٽ جي شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو ۽ قانون کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو ويندو.ٻــُڌڻي دوران چيف جسٽس، وِنڊ پاور پراجيڪٽ جي وڪيل کي چيو ته اوهان پڙهو هڪ صفحي تي ناٽ ٽو ڪرپشن لکيل آهي، بس مٿي ناٽ ٽو ڪرپشن پر هيٺ سڀ ڪرپشن ئي ڪرپشن آهي. جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته سنڌ ۾ ڪهڙي قانون تحت سرڪاري زمينون الاٽ ڪيون پيون وڃن ؟ اهي ته سموريون بدمعاشيون هلي رهيون آهن، هن لا ڪالوني کي تبديل ڪيو، گهر ويٺي درخواست تي پلاٽ الاٽ ۽ مرضي جي چئن ماڻهن جي ڪميٽي ٺاهي وڃي ٿي هــُو ڪرپشن جا دروازا نه کولڻ ڏيندا.چيف جسٽس، نيلاميءَ کانسواءِ زمين وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪندي چيو ته جنهن کي زمين وٺڻي آهي کــُلــَي عام ۾ وڃي ڪنهن کي نيلامي کانسواءِ زمين نه وٺڻ ڏني ويندي.سپريم ڪورٽ صنعتي زمينن بابت درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ وڪيلن کي تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here