نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ بابت اپيلون ، سنڌ ۾ 2 ٽربيونلز قائم

128
0
SHARE

ڪراچي:ايندڙ عام چونڊن لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ بابت ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن تي اپيلون داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري  آهي، سنڌ ۾ 2 اپيليٽ ٽربيونلز قائم ڪيون ويون آهن.نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ وارو عمل گذريل ڏينهن مڪمل ٿي ويو هو جنهن کانپوءِ اڄ ڪاغذ رد ٿيڻ تي اميدوار اپيليٽ ٽربيونلز ۾ اپيلون داخل ڪرائي رهيا آهن.سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل 21 ٽربيونلز قائم ڪيون ويون آهن.اسلام آباد لاءِ هڪ، سنڌ ۾ 2، پنجاب ۾ 8، بلوچستان ۾ 2 ۽ خيبرپختون خواهه ۾ 6 ٽربيونلز قائم ڪيون ويون.سنڌ اندر هڪ ٽربيونل ڪراچي ۽ ٻي سکر ۾ قائم ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد ڪريم خان آغا جي سربراهي ۾ ٽربيونل قائم ڪئي وئي آهي.ڪراچي ۾ ٽربيونل ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ 218 کان 238 جڏهن ته صوبائي تڪن پي ايس 47 کان 91 تائين اپيلون ٻــُڌيون وينديون.جسٽس يوسف علي سيد جي سربراهي ۾ اين اي 239 کان 256 جڏهن ته پي ايس 91 کان 130 تائين اپيلون ٻــُڌيون وينديون.جسٽس سيد حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ مخصوص سيٽن تي اپيلون ٻــُڌيون وينديون.سکر ۾ جسٽس فهيم احمد صديقي جي سربراهي ۾ قائم ٽربيونل ۾ اين اي هڪ سئو 96 کان 217 جڏهن ته پي ايس هڪ کان 46 جون اپيلون ٻــُڌي سگهبيون.اپيليٽ ٽربيونلز 22 جون تائين اپيلون داخل ڪري سگهبيون ۽ ٽربيونلز 27 جون تائين اپيلن بابت فيصلا ڪنديون.اپيليٽ ٽربيونلز پاران اپيلن تي فيصلي اچڻ کانپوءِ 28 جون تي اميدوارن جون قطعي فهرستون جاري ڪيون وينديون.واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ 25 جولاءِ تي ٿيندي.

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here