شاهد خاقان عباسي جا نامزدگي ڪاغذ رد، رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيليٽ ٽربيونل ۾ اپيل جمع

126
0
SHARE

* اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيليٽ ٽربيونل ۾ اپيل جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قومي اسيمبلي جي تڪ 53 اسلام آباد لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جنهن تي رٽرننگ آفيسر اعتراض واريندي رد ڪري ڇڏيا هئا.

شاهد خاقان عباسي پنهنجي وڪيل طاهر محمود عباسي ايڊووڪيٽ جي معرفت نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪندي چيو ته هن ڄاڻي واڻي حقيقتون ناهن لڪايون، نامزدگي فارم ۾ درستگي لاءِ هو تيار آهي، آر او قانون جي غلط تشريح ڪري نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا آهن.

شاهد خاقان عباسي درخواست ۾ اپيل ڪئي ته رٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي اين اي 53 اسلام آباد تڪ تي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.

واضح رهي ته رٽرننگ آفيسر نامزدگي ڪاغذن سان گڏ قسم نامي جي شق اين تحت شاهد خاقان عباسي عباسي جو نامزدگي فارم رد ڪيو، جنهن تحت اميدوار کي پنهنجي تڪ جي مفاد  وارن ڪمن جي تفصيل ڏيڻي هوندي آهي….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here