ڪراچي ۾ آدمشماري بابت رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد، مصطفيٰ ڪمال جي اپيل منظور

100
0
SHARE

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ آدمشماري بابت رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪندي پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جي اپيل منظور ڪري ورتي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار پنهنجي چيمبر ۾ ڪراچي ۾ آدمشماري بابت رجسٽرار آفيسر جي اعتراضن خلاف پي ايس پي جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال به چيف جسٽس آڏو پيش ٿيو، مختصر ٻڌڻي کانپوءِ چيف جسٽس رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪندي پي ايس پي جي اپيل منظور ڪري ورتي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته درخواست تي ٻڌڻي اليڪشن کانپوءِ ٿيندي جيڪڏهن چونڊن کان اڳ درخواست مقرر ٿي ته چونڊن تي اثر پوندا، ياد رهي ته پي ايس پي جي درخواست ۾ موقف ڏنو ويو هو ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي جڏهن ته شهر جي آبادي 3 ڪروڙ کان به وڌيڪ آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here