لاهور زوردار برسات، مختلف علائقن ۾ بجلي غائب، 6 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

346
0
SHARE

لاهور: پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زوردار برسات کانپوءِ ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي جڏهن ته مختلف واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، لاهور ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رات تيز هوائن سان گڏ زوردار برسات پئي جنهن سبب 150 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا ۽ شهر جا مختلف علائقا اونداهه ۾ ٻڏي ويا، ليسڪو اختيارين موجب متاثر فيڊرن مان ڪيترائي بحال ٿي چڪا آهن جڏهن ته رهيل فيڊرن جي بحالي لاءِ ڪم جاري آهي، برسات سبب ريواز گارڊن ۾ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ريواز گارڊن چوڪي جو ڊرائيور امانت ۽ رضاڪار شاهه زيب فوت ٿي ويا، قرطبا چوڪ تي موٽر سائيڪل تي سوار اڪبر نالي نوجوان بجلي جي تارن ۾ وِچڙِي فوت ٿي ويو، چائنا اسڪيم ۾ به ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو جڏهن ته گمٽي بازار ۾ جوتا ٺاهيندڙ ڪارخاني جي ڇت ڪِرڻ سبب 2 پورهيت فوت ٿي ويا، برسات سبب مختلف واقعن ۾ زخمي ٿيل 10 ماڻهو مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، ٻئي طرف تيز برسات سبب هيٺانهن علائقن ۾ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي، لاهور ايئرپورٽ تي به موسميات کاتي برسات جي حوالي سان وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، موسميات کاتي موجب لاهور ۾ هن وقت تائين 170 کان وڌيڪ ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ايندڙ 12 ڪلاڪن دوران وڌيڪ مينهن پوڻ جو امڪان آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here