پيپلز پارٽيءَ جي چونڊ مهم جاري، بلاول ڀٽو زرداري ڪجهه دير ۾ حيدرآباد پهچندو

222
0
SHARE

حيدرآباد: پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين جـِي چونڊ مهم شاندار نموني جاري آهي، بلاول ڀٽو زرداري ڪجهه دير ۾ حيدرآباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪري ڪارڪنن کي خطاب ڪندو، پ پ چيئرمين ٽنڊي ڄام، مٽياري، هالا، شهدادپور، سانگهڙ ۽ نوابشاهه جا به دورا ڪندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪجهه دير ۾ حيدرآباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزيم جو دورو ڪرڻ کانپوءِ صائمه پلازه تي لڳل آجياڻي ڪيمپ پهچندو جتان سندس قافلو راهوڪِي پهچندو، ٽنڊي ڄام جي  راول شرجيل فارم هائوس ۾ پ پ طرفان جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جلسي ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ڪرسيون لڳايون ويون آهن جڏهن ته جلسي واري هنڌ ڪارڪنن جي پهچڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، راهوڪي کان ٿيندو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مٽياري ۾ آجيان ڪيمپ کي خطاب ڪندو جنهن کانپوءِ هــُو هالا ۽ شهدادپور ۾ موجود هزارين ڪارڪنن کي خطاب ڪندو، شهدادپور کان ٿيندو بلاول ڀٽو زرداري جو قافلو سانگهڙ پهچندو جنهن کانپوءِ هــُو نوابشاهه پهچي اڄ جو آخري خطاب ڪندو، گذريل ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي قافلي جي ملير، گهــَگهر ڦاٽڪ، گهارو، ٺٽو، مڪلي، سجاول، بدين، گولاڙچي، تلهار، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدر آباد ۾ شاندار آجيان ڪئي وئي، بلاول ڀٽو زرداريءَ جي قافلي ۾ موجود هزارين جيالن جو پارٽي گيتن تي رقص ڪيو ۽ ”وزيراعظم بلاول ڀٽو “ جا نعرا پڻ هنيا، پ پ چيئرمين جي آمد سبب مختلف شهرن ۾ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here