بلوچستان هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ سردار يار محمد رند کي نااهل قرار قرار ڏئي ڇڏيو

125
0
SHARE

ڪوئيٽا: بلوچستان هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر سردار يار محمد رند کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سردار يار محمد رند اعليٰ عدالت جي فيصلي خلاف  سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن بلوچستان جي هاءِ ڪورٽ پيپلز پارٽي جي صوبائي صدر علي مدد جتڪ کي به چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو هو، ريٽرننگ آفيسر تحريڪ انصاف بلوچستان جي صدر سردار يار محمد رند جي ڪوڙي ڊگري ۽ قتل ڪيس جي الزام ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ڪندي کيس نااهل قرار ڏنو هو جنهن کانپوءِ هـُن ايپلٽ ٽربيونل ۾ اپيل ڪئي هئي جنهن آر  او  جو فيصلو برقرار رکيو، پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر سردار يار محمد رند ٽربيونل جي فيصلي کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس نذير لانگو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گذريل ڏينهن ٻڌڻي تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، اعليٰ عدالت جي ٻه رڪني بينچ اڄ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ايپلٽ ٽربيونل جو فيصلي کي برقرار رکندي پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر کي چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، ٻئي پاسي سردار يار محمد رند هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف  سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here