نواز شريف پهرين به نااهلي، عمر قيد، جيل ۽ جلا وطنيون ڀوڳي چڪو آهي: مريم نواز

539
0
SHARE

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف لاءِ اهو سڀ نئون نه آهي، هو پهرين به نااهلي، عمر قيد، جيل ۽ جلا وطنيون ڀوڳي چڪو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز چيو ته خوشي جي ڳالهه اها آهي ته ڪو ليڊر آهي، جيڪو عوام، وطن ۽ ووٽ جي عزت خاطر ڄمي بيٺو آهي ۽ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته فيصلو جيڪو به اچي، مسلم ليگ ن جا شينهن نه گهٻرائين، مريم نواز چيو ته فيصلو ته 25 جولاءِ تي ٿيڻو آهي، انهن سازشين ۽ مهرن جا چهرا ان ڏينهن ياد رکو، هاڻي نه ته ڪڏهن به نه، ڪاميابي اوهان جي انتظار ۾ آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here