وزيراعظم، بلاول ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ ٻين پاران جي يو آءِ جي قافلي تي حملي جي مذمت

200
0
SHARE

اسلام آباد: نگران وزيراعظم ناصر الملڪ، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت مختلف سياستدانن بنون ۾ ايم ايم اي اميدوار اڪرم دراني جي قافلي تي بم حملي جي مذمت ڪئي آهي، آصف زرداري چيو آهي ته ڪي پي ۾  دهشتگردي ڳڻتي جوڳو عمل آهي، اميدوارن کي سڪيورٽي فراهم ڪري دهشتگرد واقعن جي رٿا بندي ڪندڙن کي وائکو ڪيو وڃي، نگران وزيراعظم ناصر الملڪ بنون ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي،اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بنون ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ۾ دهشتگرد حملن تي ڳڻتي آهي، اڳوڻي صدر  دهشتگرد واقعن جي رٿا بندي ڪندڙ عنصرن کي وائکو ڪرڻ ۽ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان به بنون ۾ ايم ايم اي اميدوار جي قافلي تي حملي جي مذمت ڪئي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريي به بنون ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين به چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here