پ پ جي مقبوليت ڏسي مخالفن جون نڍو حرام ٿي ويون آهن: محمد ساجد جوکيو

293
0
SHARE

 ڪراچي: پ پ  ملير جي جنرل سيڪريٽري محمد ساجد جوکيي چيو آهي ته پ پ جي مقبوليت ڏسي مخالفن جون نڍو حرام ٿي ويون آهن، محمد ساجد جوکيو ملير جي مختلف علائقن پورٽ قاسم ڪالوني، پپري ۽ نصير آباد ۾ ڪانر گڏجاڻيون ڪيون، جنهن ۾ ڪارڪن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نصير آباد جي ماڻهن سدائين پيپلزپارٽي کي وٽ ڏنو آهي ۽ اهو ئي ان ڳالھه جو ثبوت آهي ته هو ٽي ڀيرا هن تڪ مان چونڊجي ايوان ۾ پهتو آهي، سندس چوڻ هو ته پ پ خلاف سدائين اتحاد ٺهندا رهيا آهن پر پيپلز پارٽي عوام سمنڊ آهي جيڪو مخالفن جي اتحادن کي لوڙهي ڇڏيندو، پ پ اڳواڻ چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پنجاب کان واپسي تي ملير ۾ تاريخي استقبال ڪيو ويندو، ساجد جوکيي چيو ته 25 جولاءِ تي پيپلز پارٽي جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا ۽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ امداد جوکيو، ميرعباس ٽالپر، مير شاهه محمد گبول، نظر محمد خلجي، ڊاڪٽر عظمت لنڊ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here