ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوار جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

95
0
SHARE

ڪراچي: ۾ پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوار جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ اميدوار سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌڻي بخش ڳوٺ ۾ پي ايس 99 تڪ تي چونڊ وڙهڻ لاءِ ميدان تي لٿل پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوار جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوار جي ڪارڪن هڪٻئي تي لَتن مُڪن ۽ پٿرن جو وسڪارو لائي ڏنو،جنهن  جي نتيجي ۾ آزاد اميدوار جان محمد رند سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس موقعي تي پهچي جهيڙو ٽاريو ۽ ٻنهي ڌرين جي 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جهيڙي کانپوءِ ڌرين جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا به ڪيا، پوليس موجب جهيڙو ريلي دوران رستو نه ڏيڻ تان ٿيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here