پولنگ کانپوءِ ڪهڙو ووٽ ڳڻپ ۾ شامل ۽ ڪهڙو خارج ٿيندو، اليڪشن ڪميشن واضح ڪري ڇڏيو

76
0
SHARE

اسلام آباد: عام چونڊن لاءِ پولنگ کانپوءِ ڪهڙو ووٽ ڳڻپ ۾ شامل ۽ ڪهڙو خارج ٿيندو، اليڪشن ڪميشن واضح ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن موجب آفيشل ڪوڊ مارڪ ۽ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسر جي صحيح کانسواءِ بيلٽ پيپر ڳڻپ کان خارج ٿيندو، واٽر مارڪ واري بيلٽ پيپر کانسواءِ ٻيو ڪو بيلٽ پيپر به ڳڻپ کان خارج نه ٿيندو، اليڪشن ڪميشن موجب رڳو مخصوص 9 خانن جي ٺپي وارو بيلٽ پيپر ئي ڳڻپ ۾ شامل ٿيندو جڏهن ته اهو بيلٽ پيپر ڳڻپ ۾ شامل ٿيندو جنهن تي ٺپي جو نشان ڪنهن خاص اميدوار لاءِ واضح هجي، ٻئي طرف ڪاغذ يا ڪا ٻي شيءَ لڳائڻ سان به بيلٽ پيپر خارج تصور ٿيندو، اليڪشن ڪميشن موجب هڪ ئي نشان تي هڪ کان وڌيڪ ڀيرو يا هڪ ئي نشان تي ٺپي وارو بيلٽ پيپر تسليم ٿيندو، عام چونڊن لاءِ پولنگ 25 جولاءِ تي صبح جو اٺين وڳي کان شام ڇهين وڳي تائين جاري رهندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here