ڪوٽڙي پوليس شادي تقريب ۾ ڇاپو هڻي ڪنوار ۽ گهوٽ کي گرفتار ڪري ورتو

55
0
SHARE

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي پوليس شادي تقريب ۾ ڇاپو هڻي ڪنوار ۽ گهوٽ کي گرفتار ڪري ورتو،پوليس ريلوي ڪالوني جي بچل شاهه پاڙي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي  شمائلا، نوجوان ڪامران لاشاري ۽ هڪ عورت کي گرفتار  ڪري ورتو،پوليس جو چوڻ آهي ته پنجاب جي رهواسڻ 14 ورهين جي نينگري شمائلا، نوجوان ڪامران لاشاري ۽ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي،پوليس موجب 14 ورهين جي نينگري شمائلا جو پيسن عيوض نڪاح ڪرايو پئي ويو، جنهن تي ڪارروائي ڪئي وئي،پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here