ڏسجي ته نواز شريف پنجاب، ڪي پي، بلوچستان يا سنڌ جي جيل ۾ وڃي ٿو:آصف زرداري

27
0
SHARE

پشاور: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جيل وڃڻ سان ڪو به سياستدان ڪمزور ناهي ٿيندو، هو ڏسندا ته نواز شريف پنجاب، ڪي پي، بلوچستان يا سنڌ جي جيل ۾ وڃي ٿو.پنهنجي بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته نواز شريف اڳوڻي آمر ضياءُ الحق کان هٽي هاڻي ڀٽو جو وارث بڻجي رهيو آهي،اڳوڻي صدر چيو ته جمهوري نظام ۾ نااهل شخص پارٽي جو صدر بڻجي نه ٿو سگهي، هي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي جنگ نه آهي پر نواز شريف ايئن ڪرائڻ چاهي ٿو،آصف علي زرداري چيو ته سندس بيان کانپوءِ نواز شريف خوف سبب ساڻس ملاقات به نه ڪئي،اڳوڻي صدر چيو ته هن نواز شريف سان جڏهن به ماني کاڌي، پنهنجي دال ماني گڏ وٺي ويو،آصف علي زرداري چيو ته هن ميمو معاملي کي ڪڏهن به سنجيده نه ورتو، چوڌري نثار تي ڪو به تبصرو ڪرڻ نه ٿو چاهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here