وفاق ۾ کين ايتري اڪثريت آهي، مضبوط حڪومت بڻائڻ جي پوزيشن ۾ آهيون: شاهه محمود قريشي

107
0
SHARE

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وفاق ۾ کين ايتري اڪثريت آهي، جنهن ذريعي هو مضبوط حڪومت بڻائڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويا آهن، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪجهه عنصرن کي ڪاميابي ٿي پر اڪثر پارٽين مولانا فضل الرحمان جي قسم نه کڻڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو مطالبو بنا جواز آهي، ان ئي ڪميشن جي سربراهي ۾ سموريون چونڊون ٿيون، ماڻهن عمران خان جي نظرئي ۽ نئين پاڪستان جي تصور کي قبول ڪيو، هو ان تصور کي اڳتي وڌائڻ چاهين ٿا، شاهه محمود قريشي چيو ته چونڊن کي سڄي دنيا مڃيو، عمران خان جي پهرين خطاب کي مخالفن کي قبول ڪيو آهي، قوم کي اپيل آهي ته سندن ساٿ ڏي، هن چيو ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ تاريخ تبديل ڪري ڇڏي، اها عمران خان جي سوچ جي ڪاميابي هئي، پنجاب ۾ نمبر گيم ۾ ن ليگ کان هو اڳتي نڪري چڪا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته چوڌري ڀائرن به سندن ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پنجاب ۾ حڪومت پي ٽي آءِ ٺاهيندي، بلوچستان ۾ به اتحادين سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here