ڪراچي: اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين اقبال نفيس عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي سالن تائين اداري ۾ بادشاهت قائم ڪندڙ ٻه آفيسر عهدي تان هٽائي ڇڏيا..

78
0
SHARE

اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ٻن آفيسرن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو.اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين اقبال نفيس عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي سالن تائين اداري ۾ بادشاهت قائم ڪندڙ ٻه آفيسر عهدي تان هٽائي ڇڏيا.اينٽي ڪرپشن جي حڪمنامي موجب ارشد لغاري ۽ راڻا شڪيل کي ميگا ڪرپشن ۽ عوامي ملڪيتن تي قبضن ڪري هٽايو ويو، جڏهن ته  ارشد لغاري کي واپس پوليس کاتي ۾ موڪليو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڪيترن ئي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون به ڪيون ويون آهن،  عمران ڏاوڇ سرڪل آفيسر ڪورنگي مان بدلي ڪري چيئرمين آفيس  ۾ مقرر ڪيو ويو، پرويز ابڙو ڏکڻ،  انصار ڳورڙ اوڀر ۽ ڪامران ميمڻ سرڪل آفيسر سينٽرل مقرر ڪيو ويو آهي.رتو جلباڻي کي ملير ۽ شبير مهر کي سجاول ۾ مقرر ڪيو ويو، رحمت الله راڄپر کي سرڪل آفيسر ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو آهي.عرفان ارباب ۽ منصور احمد پنهور کي ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد جي آفيس ۾ رپورٽ ڪرائي وئي، فاروق بگٽي کي اوڀر زون جي آفيس ۾ رپورٽ ڪرائي وئي. اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين سمورن آفيسرن کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جن آفيسرن قبلو درست نه ڪيو، انهن کي نوڪرين تان هٿ ڌوئڻا پوندا……..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here