ايف آءِ اي: اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري خلاف ثبوت  گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي: ذريعا

163
0
SHARE

* ايف آءِ اي اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري خلاف ثبوت  گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.ذريعن موجب ايف آءِ اي 2013ع کان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف جاچ شروع ڪئي پر 5 سال گذرڻ کانپوءِ به ثبوت گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نجي بئنڪ جي سربراهه حسين  لوائي کان ڪيل جاچ ۾ به  ڪا اڳڀرائي نه ٿي، ايف آءِ اي عملدار اڃا تائين ڪيس  جو قطعي چالان به پيش  ناهن ڪري سگهيا.ڌرتي ٽي سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر نفيسا شاهه چيو ته سندن قيادت ڪڏهن به ڪيسن کان ڊني نه آهي، شهيد بينظير ڀٽو به بهادري سان ڪيسن کي منهن ڏنو هو.هن چيو ته سندس ڄاڻ موجب ثبوت نه ملڻ ڪري آصف علي زرداري خلاف اهي ڪيس بند ڪيا ويا هئا، ايف آءِ اي ٻيهر جاچ ڪرڻ چاهي ٿي ته ڀلي ڪري، پارٽي قانوني طور ڪيسن کي منهن ڏيندي.نفيسا شاهه چيو ته اهي ڪيس چونڊن دوران کوليا ويا ته جيئن پارٽي کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي پر پيپلز پارٽي وارا ڪيسن کان ڊڄڻ وارا نه آهن….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here